غزه تي بمباري ۾ روزانو 4 ڪلاڪ وقفو ٿيندو، فلسطينين کي نڪرڻ لاءِ ٻه راهداريون ڏيڻ جو اعلان: آمريڪا ۽ اسرائيل معاهدو ڪري ورتو

نومبر 10, 2023

غزه / تل ابيب / واشنگٽن (م ڊ) غزه ۾ روزانو چار ڪلاڪ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ غزه مان ماڻهن کي نڪرڻ لاءِ ٻه راهداريون ڏنيون وينديون. خابرو ايجنسي موجب وائيٽ هائوس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جنگبندي وارن چئن ڪلاڪن دوران خدشو آهي ته حماس ماڻهن کي نڪرڻ نه ڏئي. وائيٽ هائوس موجب آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته اسرائيل اڄ کان روزانو چار ڪلاڪ جنگبندي ڪندو ۽ ان دوران ڪا به فوجي ڪارروائي نه ڪئي ويندي.  وائيٽ هائوس موجب آمريڪا اڃا جنگبندي جي حمايت نٿو ڪري.  وائيٽ هائوس موجب غزه ۾ جنگبندي ۾ اهي وقفا درست رخ ۾ قدم آهن. وقفن دوران اسرائيلي فوج جنگي ڪارروائيون نه ڪندي. وائيٽ هائوس موجب جنگبندي ۾ اهو وقفو اتر غزه خالي ڪرائڻ لاءِ آهي.  وهائيٽ هائوس موجب اسرائيل عزه ۾ روزانو “انساني وقفي” تي عمل ڪندو. ان سان ماڻهن کي ڏکڻ غزه وڃڻ جو موقعو ملندو. غزه ۾ وڌيڪ امدادي ٽرڪ وڃڻ جي ضرورت آهي، اسين 150 ٽرڪون روزانو غزه اماڻڻ چاهيون ٿا.  ٻئي پاسي آمريڪا ٽن ڏينهن جي جنگبندي جي تجويز ڏني آهي. آمريڪي صدر جو بائڊن چيو آهي ته غزه ۾ 3 ڏينهن جي جنگبندي ڪئي وڃي، جنگبندي ۾ وڏو وقفو ضروري آهي ته جيئن غزه مان يرغمالين کي ڪڍي سگھجي.  هوڏانهن حماس جي القسام برگيڊ انساني ۽ طبي بنيادن تي ٻن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. القدس برگيڊ ملٽري جي ترجمان چيو آهي ته انساني ۽ طبي بنيادن تي ٻن يرغمالين کي آزاد ڪري سگھون ٿا.  حماس اڳواڻ موجب حماس جي عملدارن مصري انٽيليجنس ايجنسي سان به ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل وقفن ۾ جنگبندي جي تصديق ناهي ڪئي.  اسرائيلي وزيراعظم هائوس موجب  انساني راهدارين مان 50 هزار شهري اتر کان ڏکڻ غزه ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اسرائيلي فوجي ترجمان چيو آهي ته غزه ۾ جنگبندي نه پر وقفي جو معاهدو ڪيو ويو آهي.  هوڏانهن جنگ ۾ روزانو 4 ڪلاڪن جي وقفي وارو معاهدو ٿيڻ کان اڳ اسرائيل غزه تي حملا تيز ڪري ڇڏيا، ڪيمپن، اسپتالن ۽ مسجدن تي به بمباري ڪئي وئي، نتيجي ۾ وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فلسطين ۾ اسرائيل هٿان شهيد ٿيلن جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي. . فلسطيني صحت واري وزارت موجب هيل تائين اسرائيلي بمباري سبب شهيد ٿيلن ۾ 4 هزار 324 ٻارڙا، 2 هزار 823 عورتون ۽ 649 پيرسن ماڻهو شامل آهن. ٻي پاسي غزه پٽي جون اڌ کان وڌيڪ اسپتالون استعمال جوڳيون ناهن رهيون جڏهن ته القدس اسپتال ۾ ٻارڻ ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي. هوڏانهن غزه سٽي ۾ القسام برگيڊز طرفان به اسرائيلي فوج تي حملن جو سلسلو جاري آهي، ميزائيلن سان اسرائيلي فوج جون 10 کان وڌيڪ گاڏيون ۽ 4 فوجي ٽينڪ تباهه ڪيا ويا. حماس موجب غزه جي ڏکڻ ۾ اسرائيلي فوجين جي قافلي کي گائيڊڊ ميزائيلن سان نشانو بڻايو ويو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري ان جنگ سبب غزه جا 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گھر ٿي چڪا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت جي ترجمان موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ 193 طبي ورڪرز شهيد جڏهن ته 45 ايمبولينسن کي نقصان پهتو آهي.

Leave A Comment