غزه تي سال جي آخري ڏينهن به بمباري: مسجد اقصيٰ جي اڳوڻي پيش امام سميت 150 ڄڻا شهيد: اسرائيل دنيا جي حمايت وڃائڻ لڳو

جنوري 1, 2024

غزه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جا فضائي، زميني ۽ سامونڊي حملا جاري آهن. ڪالهه سال 2023ع جي آخري ڏينهن تي به اسرائيل حملا جاري رکيا، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد اقصيٰ جي اڳوڻي پيش امام سميت 150 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 286 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. اسرائيلي حملن سبب غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو تعداد 21 هزار 800 کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي جھازن مغازي پناهگير ڪيمپ تي مسجد اقصيٰ جي اڳوڻي امام شيخ يوسف جي گھر کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ يوسف شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس گھر ڀاتي زخمي پڻ ٿيا آهن. 68 ورهين جو شيخ يوسف 2005 کان 2006ع تائين فلسطين جو مذهبي معاملن وارو وزير رهيو. مسجد اقصيٰ جي اڳوڻي امام جي شهادت تي اسرائيل پاران ڪو بيان سامهون ناهي آيو. ٻئي پاسي حماس جي مزاحمت پڻ جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي فوجي ماري ڇڏيا، اسرائيلي فوج ميجر ۽ ڪيپٽن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حماس جي ڪارروائين ۾ اسرائيل جون ڪيتريون ٽينڪون ۽ ٻيو سامان به تباهه ٿي ويو. هوڏانهن الهندي ڪناري تي اسرائيل ڊرون ذريعي حملا ڪيا، جن ۾ 15 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج علائقي ۾ ڇاپا پڻ هنيا. ڪيترائي فلسطيني گرفتار ڪيا ويا. اسرائيلي فوجين زخمين کي کڻي ويندڙ ايمبولينسز کي به اسپتال وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج شام ۾ ايراني مليشيا تي حملا ڪيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ايراني مليشيا اهلڪار مارجي ويا آهن. اسرائيلي جھازن لبنان ۾ به حزب الله تي حملا ڪيا آهن. برطانوي اخبار موجب غزه ۾ مستقل جنگبندي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل امن منصوبي تي ڳالهيون جاري آهن. اخبار موجب ڳالهيون ان اميد تي ڪيون پيون وڃن ته الهندي ڪناري ۽ غزه جي اڳواڻن کي گڏائي مستقل جنگبندي ڪئي وڃي. اها دعويٰ برطانوي اخبار ٽيلي گراف جي هڪ رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي.  رپورٽ موجب غزه تي وحشياڻي بمباري ۽ هڪ هزار ماڻهو مارائڻ باوجود اسرائيل کي ڪاميابي جا اشارا نه پيا ملن ۽ اهو هيل تائين پاڻ کي وڌيڪ امڪاني حملن کان محفوظ بڻائڻ جو يقين حاصل ناهي ڪري سگھيو. رپورٽ موجب اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۾ هزارين فلسطينين جي شهادت ٿي آهي، جنهن کان پوءِ اسرائيل عالمي تنهائي جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي، برطانيا جھڙو اتحادي به هاڻي اسرائيل سان مستحڪم جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ لڳو آهي. اسرائيل دنيا م اڪيلو ٿيڻ باوجود صرف آمريڪي سهڪار جي ٻَل تي غزه تي حملا جاري رکندو پيو اچي. پر غزه جي انساني بحران جي ڪري هاڻي آمريڪا جو صبر به ختم ٿي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل لاءِ غير مشروط آمريڪي حمايت ۾ گھٽتائي جا اشارا ملي رهيا آهن ۽ آمريڪا بها سرائيل کان غزه ۾ انتهائي شدت وارا حملا روڪڻ جو پلان گھرڻ لڳو آهي. رپورٽ موجب آمريڪا چاهي ٿو ته اسرائيل صرف حماس جي ٺڪاڻن تي ئي حملا ڪري، جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اسرائيلي متحد ضرور ٿيا پر هاڻي ان اتحاد ۾ ڏار پوندي نظر اچي رهيا آهن.

Leave A Comment