غزه تي هڪ رات اندر اڍائي هزار حملا، وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد، اسرائيلي وزير ايٽمي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

نومبر 6, 2023

يروشلم/رياض(م ڊ) اسرائيل جي وزير غزه تي ايٽم بم وسائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، غزه ۾ بمباري کان بچڻ لاءِ پناهگاهه ۾ ويٺلن تي اسرائيل بمباري ڪري ڇڏي هڪ رات اندر اڍائي هزار کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا 280 فلسطيني شهيد ٿي ويا. هيستائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 9500 کان وڌي ويو آهي مليل اطلاعن موجب اسرائيل جي صحت واري وزير بيان ۾ چيو آهي ته غزه تي ايٽم بم هڻڻ جو آپشن به موجود آهي جنهن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي قابض حڪومت جي وزير جي ان بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ هن غزه تي ايٽم بم حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسرائيلي حڪومت ۾ انتهاپسند ۽ قاتل به شامل ٿي ويا آهن. ٻئي طرف عالمي ردعمل ۽ دنيا جي تنقيد بعد اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو وزير جي ڪابينا اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي ڇڏي جنهن بعد وزير پنهنجو بيان تبديل ڪندي چيو ته مون ايٽم بم هڻڻ جو لفظ اصطلاح طور استعمال ڪيو هو. غزه ۾ المغازي پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 51 فلسطيني شهيد  جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فلسطيني خبرون ڏيندڙ اداري موجب شهيدن ۾ گهڻو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي. اسرائيلي بمباري سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ انفرا اسٽرڪچر کي به نقصان پهتو. اسرائيلي جنگي جهازن المغازي ڪيمپ ۾ سمعان خاندان جي گهر کي نشانو بنايو. غزه ۾ صحت واري وزارت جي ترجمن اشرف القدره ٻڌايو ته اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جو فرش لاشن ۽ زخمين سان ڀريل آهي. اسرائيلي فوج غزه جي پٽي تي پنهنجي فضائي ۽ زميني حملن جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. غزه ميڊيا آفيس جي سربراهه سلامه معروف هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 9500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 3.900 ٻار ۽ 2.509 عورتون شامل آهن.  جڏهن ته فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سان وڌيڪ 270 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيدن جو انگ 9780 ٿي ويو آهي. شهيدن ۾ 4880 ٻار ۽ 2550 عورتون به شامل آهن. صحت وزارت طرفان ريڊ ڪراس ڪميٽي ۽ مصر کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته شديد زخمين کي غزا مان حفاظت سان ڪڍيو وڃي. هن چيو ته هڪ آپشن اهو اهي ته مصر طفان ايمبولينسون غزا موڪلي زخمين جي انخلا کي يقيني بڻايو وڃي.

Leave A Comment