| غزه فوج اماڻڻ بابت فيصلو ناهي ٿيو: پاڪستان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته غزه ۾ بين الاقوامي استحڪام فورس بابت ڪجهه عالمي راڄڌانين ۾ مشاورت جاري آهي، پر پاڪستان کي ان معاملي تي ڪنهن مخصوص درخواست بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو ۽ ان فورس بابت پاڪستان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو. ترجمان آسٽريليا ۾ فائرنگ واري واقعي بابت چيو ته بونڊائي سمنڊ ڪناري ٿيل حملي جي جاچ آسٽريلوي اختياريون ڪري رهيون آهن، ان حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ افسوسناڪ ۽ غيرذميواراڻو عمل آهي، هڪ پاڪستاني جو نالو ۽ تصوير بنا تصديق ميڊيا تي ڏيکاري وئي، جنهن سبب غلط رپورٽنگ سبب هڪ بيگناهه شخص ۽ سندس ڪٽنب لاءِ خطرا وڌي ويا، ڀارتي ميڊيا واقعي بابت غلط ڄاڻ پکيڙي پروپيگنڊا ڪئي، جڏهن ته حملي آور ڀارتي ڄائو ۽ ڀارتي پاسپورٽ هولڊر نڪتو. هن ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار طرفان هڪ سرڪاري تقريب دوران مسلمان عورت ڊاڪٽر جو نقاب زبردستي لاهڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته هڪ سينيئر سياسي اڳواڻ طرفان مسلمان عورت جو نقاب لاهڻ انتهائي ڳڻتي جوڳوعمل آهي ۽ ان جي سخت مذمت ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو قدم ڀارت ۾ مسلمان عورتن جي تذليل کي معمول بڻائڻ واري رويي جي هڪ ڪڙي بڻجي سگهي ٿو ۽ اهو رويو ڀارت جي مذهبي اقليتن، خاص طور تي مسلم شهرين سان عوامي بدسلوڪي جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان سڀني ذميوار ڌرين ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڏئي ٿو ته هو هن واقعي جي سنگيني کي قبول ڪن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي آزادي جي احترام ۽ انساني وقار جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.