خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ وارو منصوبو قبول نه ڪنداسين: پاڪستان ۽ اردن ۾ علائقائي امن لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق

غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ وارو منصوبو قبول نه ڪنداسين: پاڪستان ۽ اردن ۾ علائقائي امن لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ اردن علائقائي سلامتي ۽ امن لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ وارو منصوبو قبول نه ڪنداسين. وزيراعظم هائوس ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ابن الحسين دوئم وچ ۾ ملاقات ٿي ، وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي شاھ عبدالله  ابن الحسين جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي  استقبال ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ اقتصادي، واپار، سيڙپڪاري، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي اسٽرٽيجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ، علائقائي ۽ عالمي فورمن تي گڏيل فائدي وارو سهڪار وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم شاھه عبدالله دوئم ابن الحسين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي ان کي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ پائيدار دوستي جو ثبوت قرار ڏنو. شاهه عبدالله دوئم غزه جي تڪرار سان گڏوگڏ جنگ بعد غزه ۾ استحڪام ۽ انساني همدردي واري ڪوششن ۾ اردن جي ڪردار لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران علائقائي سلامتي ۽ امن جي قدمن تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو. فلسطين جي معاملي تي ٻنهي اڳواڻن جنگ بعد غزه بابت پاڪستان ۽ اردن جي اصولي موقف جي تصديق ڪئي، جنهن ۾ غزه مان فلسطيني عوام جي  بي دخلي بابت ڪنهن به قسم جي ٺاهه کان پاسو ڪرڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن شرم الشيخ ۾ دستخط ٿيل غزه امن معاهدي جي حوالي سان 8 عرب اسلامي ملڪن، جيڪي آمريڪا سان گڏ غزه ۾ جنگ بندی تي ڪم ڪري رهيا آهن، جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم اردن جي شاهه عبدالله دوئم کي پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن خاص طور افغانستان ۽ ڀارت ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. شاهه عبدالله دوئم علائقي ۾ امن ۽ استحڪام قائم رکڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو.  شاهه عبدالله دوئم پنهنجي دوروي  دوران گرمجوشي سان ميزباني لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ٻنهي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميڊيا، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽا سٽا ڪئي وئي. پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لميٽيڊ، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ جارڊن ريڊيو ٽيليويزن ڪارپوريشن وچ ۾ سهڪار جو معاهدو ٿيو، ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي پروگرام، يونيورسٽي آف جارڊن ۾ اردو ۽ مطالعه پاڪستان جي چيئرز قائم ڪرڻ وارن مفاهمتي ياداشتنن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم شاهه عبدالله ۽ انهن سان گڏ آيل وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ انتظام ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل  عاصم منير، وفاقي وزير عطا تارڙ، مصدق ملڪ ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نور خان ايئر بيس تي شاهه عبدالله دوم جو استقبال ڪيو۔ شاهه عبدالله 21 ورهين بعد اردن جي ڪنهن به فرمان روا جي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو. اردن جي شاهه عبدالله دوم جي جهاز جي پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 ٿنڊر جهازن شاهانه جهاز کي اسلام آباد تائين حفاظتي حصارو فراهم ڪيو، وفاقي وزير، خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به هن موقعي تي موجود هئا، اردن جي بادشاهه عبدالله دوم جي وزيراعظم هائوس آمد تي شاندار آجيان ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله دوم کي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي استقبال ڪيو ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه عبدالله دوم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. شاهه عبدالله دوم جي وزيراعظم هائوس آمد تي سندن اعزاز ۾ هڪ استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، هٿياربندن فوج جي چاق ۽ چوبند دستي اردن جي بادشاهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جنهن جو شاهه عبدالله دوم معائنو پڻ ڪيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف شاهه عبدالله دوم سان ڪرايو، جڏهن ته اردن جي بادشاهه پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم کي تعارف ڪرايو، شاهه عبدالله دوم وزيراعظم هائوس جي هڪ وڻ پڻ پوکيو.