غزه نسل ڪشي: ترڪي پاران نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري

غزه نسل ڪشي: ترڪي پاران نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري

انقره(م ڊ) ترڪيه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ان جي ڪابينا جي ڪيترن ئي اعليٰ عهديدارن جي خلاف غزه ۾ مبينا نسل ڪشي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي الزامن تي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. دي گارجين موجب استنبول جي پراسيڪيوٽر آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ٻين 36 اسرائيلي عملدارن تي نسل ڪشي ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جا الزام لڳايا ويا آهن، جيڪي مبينا طور تي غزه ۾ منظم نمومني انجام ڏنا ويا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جاچ دوران غزه ۾ ترڪ فلسطيني دوستي اسپتتال تي اسرائيلي بمباري جو حوالو به شامل آهي، جيڪو ترڪي جي مالي مدد سان تعمير ڪيو ويو هو ۽ مارچ ۾ اسرائيلي حملي جو نشانو بڻيو هو.