| غزه ۾ اسرائيلي آبادڪارن جا حملا، 15 فلسطيني زخمي |
غزه(م ڊ) غزه ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوجين ۽ آبادڪارن جو فلسطينين تي تشدد ۽ حملا جاري آھن جن ۾ 15 فلسطيني زخمي ٿي ويا آھن. وفا نيوز ايجنسي جي مطابق آچر تي رات جو دير سان آبادڪارن جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 فلسطيني زخمي ٿيا آبادڪارن مسلسل ٻي رات اولهندي ڪناري جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. متاثرين ۾ هڪ 45 سالن جو شخص به شامل هو، جنهن کي نابلس جي اوڀر ۾ دير الحتاب ۾ آبادڪارن پير ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 6 ٻين فلسطينين کي به ماريو ويو. تشدد ان وقت ٿيو جڏهن اسرائيلي آبادڪارن رات جو جنين جي ڏکڻ ۾ ٻن علائقن ۾ گهرن ۽ ڪارن کي باهه ڏني ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جاين کي ٽوڙيو.