غزه ۾ اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد

غزه ۾ اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد

غزه(م ڊ) غزه ۾ اسرائيل جي حملن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا شھيد ۽ 14 زخمي ٿي پيا. وفا نيوز ايجنسي ٻڌايو ته 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 72,285 فلسطيني مارجي ويا آهن ۽ 172,028 زخمي ٿيا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿيا. 11 آڪٽوبر جي جنگبندي کان وٺي اسرائيل گهٽ ۾ گهٽ 709 فلسطيني ماريا ۽ 1,928 زخمي ڪيا آهن. ھڪ هفتي دوران غزه ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي تشدد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن.