غزه ۾ امن حڪومت ۽ حماس جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بابت ڳالهيون

غزه ۾ امن حڪومت ۽ حماس جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بابت ڳالهيون

قاهرا (م ڊ) مصر جي راڄڌاني قاهرا ۾ غزه جنگ بندي معاهدي تي عمل بابت ڳالهين ۾ حماس طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ڳالهين ۾ حماس جي قيادت محمد درويش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفد ۾ خليل الحيه، نزار عودالله ۽ ظاهر جبارين پڻ شامل آهن. ڳالهين ۾ حماس کانسواءِ ٻيون فلسطيني تنظيمن جهڙوڪ اسلامي جدوجهد، پاپولر فرنٽ، ڊيموڪريٽڪ فرنٽ، پاپولر ريزسٽنس ڪميٽيز ۽ فلسطين نيشنل انيشيئٽو سان به اهم صلاح مشورا جاري آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳالهين جو بنيادي مقصد غزا ۾ عبوري انتظامي ڍانچي تي اتفاق ڪرڻ ۽ هڪ آزاد ٽيڪنوڪريٽ ڪميٽي قائم ڪرڻ آهي جيڪا مستقبل ۾ فلسطيني قومي مفاهمت واري عمل جو بنياد بڻجندي ۽ حماس جي جاءِ تي غزا جا معاملا سنڀاليندي. حماس جو چوڻ آهي ته جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل 497 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن ۾ 342 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي هڪ اعليٰ سطحي آمريڪي وفد به مصري حڪومت سان ملاقات ۾ شرم الشيخ معاهدي جي ٻئي مرحلي جي نفاذ، ڊگھي مدي واري جنگ بندي جي طريقيڪار ۽ امڪاني بين الاقوامي فورس ۾ مصري ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.