غزه ۾ انساني بحران تي ڳڻتي، پابندين جي خاتمي لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وڌو وڃي: 10 مسلمان ملڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب، ترڪي ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل ڏيل بيان مطابق وڌيڪ برساتن، طوفانن ۽ سرد موسم غزه ۾ انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. غزه ۾ انساني امداد جي ناڪافي رسائي ۽ بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ تي پرڏيهي وزيرن سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته تقريبن 19 لک بي گهر فلسطيني ناڪافي پناهه گاهن ۾ رهڻ تي مجبور آهن، ٻوڏ واريون ڪيمپون، تباهه ٿيل خيمن، ٿڌ، خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جي پکڙجڻ سبب ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جون زندگيون شديد خطري ۾ آهن. پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن ۽ خاص طور UNRWA جي انساني خدمتن جي ساراهه ڪئي. اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو ته گڏيل قومن ۽ عالمي اين جي اوز کي غزه ۽ مغربي ڪناري ۾ بنا رڪاوٽ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. انساني امدادي ادارن جي ڪم ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کي ناقابل قبول قرار ڏنو ويو. پرڏيهي وزيرن سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 ۽ صدر ٽرمپ جي جامع منصوبي جي مڪمل حمايت  ڪئي. غزه ۾ مستقل جنگ بندي، جنگ جي خاتمي ۽ فلسطيني عوام لاءِ باعزت زندگي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. فلسطيني عوام لاءِ خوداراديت ۽ رياست جي قيام لاءِ قابلِ اعتماد رستي تي زور ڏنو ويو. فوري ابتدائي بحالي (Early Recovery) ۽ باعزت، پائيدار رهائش فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. عالمي برادري کان اپيل ڪئي وئي ته اسرائيل تي دٻاءُ وڌو وڃي ته جيئن ضروري سامان جي فراهميءَ تي پابنديون ختم ڪيون وڃن. غزه ۾ مڪمل ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فوري اجازت تي زور ڏنو ويو. انفراسٽرڪچر ۽ اسپتالن جي بحالي کي ناگزير قرار ڏنو ويو.