| غزه ۾ جنگ بندي جي حمايت تان فارغ ٿيس: ڪيٽ |
لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي اداڪاره ڪيٽ بيڪنسل چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي جي حمايت واري سوشل ميڊيا پوسٽ کي لائيڪ ( پسند) ڪرڻ تان کيس ايجنٽ فارغ ڪري ڇڏيو، انهي معاملي تي ساٿي اداڪار مارڪ روفالو سان ذاتي طور تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن به جواب نه ڏنو. هن انسٽاگرام تي مختلف تبصرن ۾ الزام لڳايا، جيڪي بعد ۾ ڊليٽ ڪيا ويا، پر اهي اڳ ۾ هڪ پروموشنل وڊيو هيٺ ظاهر ٿيا هئا جن ۾ 58 سالن جو اداڪار مارڪ روفالو پنهنجي ايندڙ فلم فلسطين 36 تي بحث ڪري رهيو هو. ڪيٽ بيڪنسل چيو ته آن لائين خيال ظاهر ڪرڻ سندس پيشه ورانه زندگي کي متاثر ڪيو آهي، اهو ڪيترو سٺو هوندو جيڪڏهن توهان جو ايجنٽ توهان کي صرف جنگ بندي بابت هڪ پوسٽ کي پسند ڪرڻ ۽ ٻارن جي قتل جي حمايت نه ڪرڻ تي برطرف نه ڪري؟ هن چيو ته مون کي جنگبندي جي پوسٽ پسند آئي، مون کي ساڳئي ڏينهن ڪڍيو ويو هن سوزن سارنڊن جو به ذڪر ڪيو، جنهن کي ٽيلنٽ ايجنسي UTA فلسطين جي حمايت ۾ هڪ ريلي ۾ ڳالهائڻ تان برطرف ڪيو ويو هو.