غزه ۾ حملن ۾ صحافي سميت 6 شهيد

غزه ۾ حملن ۾ صحافي سميت 6 شهيد

غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ الجزيره جو ڪئميرامين ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻار شامل آهي. الجزيره پنهنجي نمائندي احمد واشح جي قتل جي سخت مذمت ڪئي ان کي صحافين کي نشانو بڻائڻ جو خوفناڪ ڏوهه قرار ڏنو. اسرائيلي دفاعي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته احمد واشح حماس جي فوجي ونگ سان لاڳاپيل هو ۽ هڪ سنائپر آپريٽو طور ڪم ڪري رهيو هو. گذريل آڪٽوبر ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان وٺي اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ 1,007 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن.