غزه ۾ ماڻهو بک پيا مرن، فلسطينين جي مدد ڪرڻي پوندي، جلد صورتحال ٺيڪ ڪري ڏيکاريندس: ٽرمپ
مَي 17, 2025
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا کي فلسطيني عوام جي مدد ڪرڻي پوندي، ڇو ته غزه ۾ ڪيترائي ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن. وچ اوڀر جي چئن ڏينهن جي دوري تان واپسي دوران جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ صدر ٽرمپ اعتراف ڪيو ته ”غزه ۾ انساني صورتحال انتهائي خراب آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو بُکَ جو شڪار آهن ، يوڪرين ڳالهين تي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ڏسون روس يوڪرين ڳالهين ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ جيترو جلدي ممڪن ٿيو، روسي صدر پيوٽن سان ملندس، هڪ صحافيءَ کائنس پڇيو ته ڇا هو غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت جي حمايت ڪري ٿو؟ جنهن جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته ”اسان ڏسنداسين ته ڇا ٿو ٿئي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”هو سمجهي ٿو ته ايندڙ مهيني غزا ۾ ڪيئي سٺيون شيون ٿيڻ واريون آهن،“ پر هن ان بابت وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو. آمريڪي صدر چئن ڏينهن وارو وچ اوڀر جو دورو پورو ڪري واپس آمريڪا پهچي ويو، دوري دوران هو اسرائيل نه ويو، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي نولفٽ رهي.