غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهو مارڻ گهرجن: اسرائيلي وزير

غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهو مارڻ گهرجن: اسرائيلي وزير

تل ابيب (م ڊ) اسرائيل جي ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير غزه بابت چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج کي غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهن کي قتل ڪرڻ گهرجي. هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي اتمار بن گوير چيو ته اسرائيلي فوج کي اها ڪارروائي رڳو اهڙن ماڻهن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، جيڪي فوري طور خطرو بڻجي سگهن ٿا، پر غزه ۾ ٻين ماڻهن کي به نشانو بڻائڻ گهرجي.اسرائيلي وزير موجب، غزه ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي سندس نظر ۾ جيئري رهڻ جا حقدار ناهن. هن غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائيون گهٽائڻ تي به تنقيد ڪئي ۽ وڌيڪ سخت ڪارروائين جي حمايت ڪئي. سندس بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن غزه بابت جنگبندي ۽ امن منصوبي تي سفارتي ڪوششون تيزيءَ سان جاري آهن.