غزه ۾ وڌيڪ 126 فلسطيني شهيد، حماس جي سخت مزاحمت، 10 اسرائيلي فوجي ماري ڇڏيا
جنوري 10, 2024
غزه / تل ابيب (م ڊ) غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 126 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته 241 زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب 126 ڄڻا شهيد ٿيڻ کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيل هٿان شهيد ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 210 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي غزه جي وچ واري علائقي بيوريج ۾ ٿيندڙ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ اسرائيلي فوج جا 6 اهلڪار مارجي ويا آهن، جنهن کان پوءِ 24 ڪلاڪن اندر مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو تعداد 10 ٿي ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب بيوريج واري علائقي ۾ ويل فوجي ٽيم ۾ شامل انجنيئرز هڪ فني ڪم ۾ مصروف هئا ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ پنج فوجي انجنئيرز ٿڏي تي ئي مارجي ويا. ڌماڪي ۾ 10 جي لڳ ڀڳ فوجي زخمي به ٿيا، جن کي ويجهي فوجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي هڪ فوجي انجنيئر علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. هڪ ٻئي واقعي ۾ غزه ۾ ئي اسرائيل جا چار فوج مارجي ويا. 10 فوجي مارجڻ بعد جنگ ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو تعداد 1500ٿي يو آهي. 250 کان وڌيڪ کي حماس يرغمال بڻائي ورتو هو. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج لبنان ۾ ڪالهه به ڪارروائيون جاري رکيون،جنهن ۾ حزب الله جا وڌيڪ 3 ڪمانڊر مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو،جنهن بعد گاڏيءَ ۾ باهه لڳي وئي. نتيجي ۾ گاڏي ۾ ويٺل 3 ماڻهو مارجي ويا. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج يا حزب الله پاران واقعي جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.