| غزه ۾ پاڻي ڀريندڙ ٻارن کان به اسرائيل نه مڙيو، هڪ شهيد ٻيو زخمي |
غزه (م ڊ) غزه ۾ پاڻي جي ڳولا ڪندڙ فلسطيني ٻار اسرائيلي حملن جو شڪار ٿي ويا. اسرائيلي ڊرون مرڪزي غزه پٽي ۾ پاڻي ڀرڻ ويندڙ ٻارن تي بارود ڪيرايو جنهن ۾ هڪ ٻارڙو شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو. غزه سول ڊفينس ايجنسي هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ اسرائيلي ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون انهن تي بم ڪيرايو جڏهن اهي اوڀر غزه شهر ۾ العمري مسجد جي پويان پاڻي ڀري رهيا هئا. اسرائيل پاران انفراسٽرڪچر تي حملي کان پوءِ غزه ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي ۽ مرمت لاءِ سامان تي پابنديون آهن. فلسطينين کي فلنگ اسٽيشنن تي ننڍڙا جيري ڪين ڀرڻ تائين محدود ڪيو پيو وڃي.