| غزه ۾ پوليس اسرائيلي نشانو، 3 اهلڪار شهيد |
غزه (م ڊ) غزه جي بچاءُ وارن عملدارن موجب غزه ۾ اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. غزه جي صحت جي عملدارن آچر تي چيو ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ حماس جي پوليس فورس جا ٻه ميمبر شامل آهن. بچاءُ واري عملدارن چيو ته غزه ۾ المغازي پناهگير ڪئمپ ۾ هڪ هوائي حملي ۾ هڪ شخص شهيد ٿي ويو. غزه جي گهرو وزارت چيو ته هڪ ٻيو حملو خان يونس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس چيف ۽ سندس نائب کي نشانو بڻايو ويو.