غزه ۾ 9 مهينن جي ٻار سميت 140 فلسطيني شهيد، سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي-اسرائيلي گڏيل امدادي منصوبو رد

مَي 16, 2025

غزه(م ڊ) غزه تي اسرائيل جي هوائي ۽ زميني حملن ۾ تيزي اچي وئي، 9 مهينن جي کيرپياڪ ٻار سميت وڌيڪ 140 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج اتر جباليه جي علائقي ۾ گهرن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ٻارن ۽ 15 عورتن سوڌو 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فضائي حملن کانپوءِ جباليه جي اسپتال ۾ وڌيڪ 9 لاش آندا ويا جن ۾ 7 ٻار شامل هئا. هڪ عورت پنهنجي 9 مهينن جي ٻار جي لاش مٿان پار ڪڍي روئيندي دنيا کان سوال ڪري رهي هئي ته “هن کيرپياڪ جو ڪهڙو قصور هو؟” اسرائيلي فوج جباليه ۽ ڀرپاسي جي رهواسين کي لڏ پلاڻ جي وارننگ ڏني هئي، جنهن کانپوءِ اسرائيل طرفان راڪيٽ فائر ڪيا ويا. صيهوني فورسز جي دعويٰ ڪئي آهي ته اتر غزا ۾ حماس ۽ فلسطيني ويڙهاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي، هوڏانهن يورپي اسپتال تي بنڪر بسٽر بم حملن جا منظر سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ رڪارڊ ٿي ويا. هوڏانهن رفح شهر ۾ القسام برگيڊز جي جوابي وار سان ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ان کان علاوه غزه امداد جي بندش تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روس، چين، برطانيا، آمريڪا-اسرائيل جو گڏيل امدادي منصوبو رد ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور: مبينا مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو