انساني تاريخ غلاميءَ جي مختلف صورتن سان ڀريل رهي آهي، قديم دور ۾ غلامي واضح، بي رحم ۽ جسماني هوندي هئي. انسانن کي زبردستي قيد ڪيو ويندو هو، سندن هٿن ۽ پيرن ۾ لوهي زنجيرون ٻڌيون وينديون هيون، ۽ سندن زندگيءَ جا فيصلا مالڪن جي مرضيءَ سان جڙيل هوندا هئا. پر وقت سان گڏ، جڏهن تهذيب، قانون ۽ انساني حقن جي تصور ترقي ڪئي، غلامي ظاهري طور ختم ٿي وئي. بهرحال، حقيقت اها آهي ته غلامي مڪمل طور تي ختم نه ٿي، بلڪه پنهنجو روپ بدلائي جديد ۽ وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي. اڄ جو انسان ڪاغذن ۾ آزاد آهي، آئين کيس سمورا انساني حق ڏئي ٿو، ووٽ جو اختيار ڏئي ٿو، ۽ اظهار جي آزاديءَ جي دعويٰ ڪري ٿو. پر ساڳئي وقت هو اهڙي معاشي نظام ۾ ڦاٿل آهي، جتي سندس آزادي صرف هڪ وهم بڻجي وڃي ٿي. جديد غلامي نظر نه ايندڙ معاشي زنجيرن جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪي جسم کي نه، پر ذهن، وقت ۽ زندگيءَ کي قيد ڪن ٿيون.
قديم غلامي زور زبردستيءَ تي ٻڌل هئي، جڏهن ته جديد غلامي رضاڪاراڻي جبر جو نالو آهي. هتي ماڻهو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪري ٿو، پر اها مرضي به حالتن جي پيداوار هوندي آهي. روزگار نه هجي ته بک آهي، علاج نه ملي ته موت آهي، تعليم نه هجي ته مستقبل اونداهو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ”چونڊ“ اصل ۾ مجبوري بڻجي وڃي ٿي.
جديد معاشي ڍانچو بنيادي طور تي”پگهار، ڀاڙو ۽ قرض“ جي ٽڪنڊي تي بيٺل آهي. هڪ عام ماڻهو صبح کان شام تائين ڪم ڪري ٿو، مهيني جي آخر ۾ پگهار ملي ٿي، جيڪا پهرين ڏينهن ئي ڀاڙي، بجلي، گئس، کاڌي ۽ ٽرانسپورٽ ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. نتيجي ۾ ماڻهو وري ايندڙ مهيني لاءِ ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. هي هڪ اهڙو دائرو آهي، جنهن مان نڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻايو ويو آهي.
جديد سرمائيداراڻي نظام ۾ اجرتون اهڙي نموني مقرر ڪيون وڃن ٿيون، جو ماڻهو جيئرو ته رهي، پر آزاد نه ٿي سگهي. مهانگائي جي رفتار هميشه اجرتن کان تيز رهي آهي. رهائش، تعليم ۽ علاج جهڙا بنيادي حق به مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي ڇڏيا ويا آهن. نتيجي ۾ قرض هڪ ”آپشن“ نه، پر ”ضرورت“ بڻجي وڃي ٿو. ماڻهو پنهنجي زندگي قرضن جي قسطَن ۾ ورهائي ڇڏي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح سندس مستقبل به اڳواٽ گروي ٿي وڃي ٿو. قديم غلام جو جسم قيد هوندو هو، پر جديد انسان جو الميو اهو آهي تہ سندس وقت ئي قيد بڻجي ويو آهي. اٺ ڪلاڪن جي نوڪريءَ جو تصور ظاهري طور منصفاڻو لڳي ٿو، پر عملي طور اهو انسان جي سڄي زندگيءَ کي جڪڙي ڇڏي ٿو. صبح جو اُٿڻ، آفيس وڃڻ، يا ڪم ڪار سان لڳڻ، ٽريفڪ، شام جو ٿڪجي موٽڻ، ۽ پوءِ ٻيهر ساڳيو چڪر. هي زندگي نه، پر مشيني انداز وارو چڪر يا دائرو آهي. وقت، جيڪو انسان جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهي، اهو ئي جديد دور ۾ وڪرو ٿئي ٿو. انسان پنهنجي جواني، صحت، جذبا ۽ خواب هڪ محدود پگهار يا آمدني جي بدلي ۾ گروي رکي ڇڏي ٿو. نتيجي ۾ تخليقيت ختم ٿي وڃي ٿي، ذاتي زندگي پوئتي رهجي وڃي ٿي، ۽ معاشي عدم تحفظ هڪ دائمي خوف بڻجي وڃي ٿو. ان ئي سبب جديد نوڪريءَ کي ڪيترائي مفڪر ”Modern Slavery“ سڏين ٿا.
نفسياتي غلامي ـ آزاديءَ جو وھم:
جديد غلامي جو سڀ کان خطرناڪ پاسو نفسياتي جبر آهي. ماڻهوءَ کي اهو يقين ڏياريو وڃي ٿو ته هو آزاد آهي، محنت سان ترقي ڪري سگهي ٿو، ۽ ڪاميابي جا دروازا کليل آهن. پر حقيقت ۾ نظام اهڙو ٺهيل آهي، جو اڪثريت صرف بقا جي سطح تي ئي رهي ٿي.
مارڪيٽنگ، اشتهارن ۽ صارفين واري ثقافت انسان جي خواهشن کي ڪنٽرول ڪري ٿي. وڌيڪ ڪم ڪرڻ کي ڪاميابي، ۽ ٿڪاوٽ کي وفاداري سمجهيو وڃي ٿو. ”ڪيريئر“ زندگيءَ کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو. اهڙي طرح غلامي دل ۽ ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿي، جتي انسان پاڻ کي قيد سمجهڻ بدران، ان قيد کي ئي قسمت سمجهي قبول ڪري ٿو.
جديد معاشي غلامي سرمائيداراڻي نظام جي سڌي پيداوار آهي. هن نظام ۾ دولت جي ورڇ انتهائي غيرمنصفاڻي آهي. محنت ڪندڙ طبقو ڏينهن رات ڪم ڪري ٿو، پر منافعي جو وڏو حصو سرمائيدار طبقي وٽ وڃي ٿو. اجرتن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو، مهانگائي مصنوعي طور وڌائي وڃي ٿي، ۽ قرض کي نظام جو لازمي حصو بڻايو وڃي ٿو. جديد مزدور اهو آهي، جيڪو سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو، پر ان جو مالڪ ڪڏهن نٿو بڻجي. سندس محنت جي قيمت گهٽ، ۽ پيدا ڪيل دولت جي مالڪي ڪنهن ٻئي وٽ هوندي آهي. هڪ اهم فڪري نڪتو اهو آهي ته، ”هي زندگي نه، پر بقا آهي، ۽ بقا آزادي ناهي.“ زندگي تڏهن زندگي بڻجي ٿي، جڏهن انسان کي پنهنجي وقت، ڪم ۽ فيصلن تي اختيار ملي. جڏهن هو صرف جيئرو رهڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو، ته اها زندگي نه، پر هڪ ڊگهي جدوجهد بڻجي وڃي ٿي. بقا انسان کي مشيني بڻائي ڇڏي ٿي، جڏهن ته آزادي انسان کي تخليقڪار بڻائي ٿي. بقا ۾ خواب ختم ٿي وڃن ٿا، آزادي ۾ خواب جنم وٺن ٿا. معاشي غلامي جا اثر صرف فرد تائين محدود ناهن. خانداني زندگي ڪمزور ٿي وڃي ٿي، والدين ٻارن لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهن. ذهني صحت جا مسئلا ڊپريشن، پريشاني عام ٿي وڃن ٿا. جڏهن بقا سڀ کان وڏو مقصد بڻجي وڃي، ته اخلاقيات، محبت ۽ سماجي همدردي پوئتي رهجي وڃن ٿا. لکين ماڻهو پنهنجون صلاحيتون دٻائي، صرف روزگار خاطر غيرمطمئن زندگيون گذارين ٿا. جديد غلاميءَ مان نجات ممڪن آهي، پر ان لاءِ فردي ۽ اجتماعي سطح تي تبديلي ضروري آهي. معاشي خودمختياري، فري لانسنگ، هُنر تي ٻڌل آمدني ۽ ننڍا ڪاروبار انسان کي پگهار جي قيد کان آزاد ڪري سگهن ٿا. مالي شعور بچت، سيڙپڪاري ۽ قرضن کان پاسو آزاديءَ جا در کولين ٿا.
ساڳئي وقت رياست جو ڪردار انتهائي اهم آهي. منصفاڻيون اجرتون، سستي تعليم ۽ صحت، رهائش جا منصوبا، ۽ محنت ڪش طبقي جا حق ۽ سندن تحفظ، اهي سڀ معاشي غلاميءَ جي زنجيرن کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. سڀ کان اهم فڪري آزادي آهي، اهو سمجهڻ ته زندگي صرف ڪم ڪرڻ جو نالو ناهي، پر باوقار، بامقصد ۽ باشعور زندگي گذارڻ جو نالو آهي. جديد انساني سماج جي سڀ کان ڳجهي حقيقت اها آهي ته اسان ظاهري طور آزاد آهيون، پر اندروني طور معاشي نظام جا قيدي آهيون. جديد غلامي جون زنجيرون نظر نٿيون اچن، پر انهن جو وزن ذهن، وقت ۽ زندگيءَ تي محسوس ٿئي ٿو. جيستائين انسان پنهنجي وقت، محنت ۽ آمدني جو مالڪ نٿو بڻجي، تيستائين آزادي صرف هڪ لفظ رهندي.