| غلام حيدر مري جي ضمانت: قانوني ويڙهه جو اعلان |
ڪراچي: اين پي پي اڳواڻ غلام حيدر مري سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري ورتي. هاءِ ڪورٽ 30 هزارن جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ڪندي 15 ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام حيدري مري چيو ته غلام مرتضي جتوئي وارن کي آجياڻو ڏيڻ تان منهنجي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، منهنجا 12 ڪروڙن جا دڪان ڊاٺا ويا، پيٽرول پمپ سيل ڪيو ويو، ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا. هن چيو ته سياست ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، جتوئي ڀائرن کي نه ڇڏيندس، هن چيو ته 5 ماڻهو گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جا ڪن ڀرين ٿا. مون مٿان پ پ ۾ اچڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، منهنجي جان کي خطرو آهي. هن چيو ته عدالت ۾ نقصان جو الڳ ڪيس داخل ڪندس،