غلام رسول انڙ جي اولاد مليڪت لاءِ زهر ڏنو: رضيه 

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) سينيئر سياستدان غلام رسول انڙ سان مھينو اڳ نڪاح رضيه خاتون الزام هنيو آهي ته مون کي زھر ڏنو ويو هو، اٺن ڪلاڪن تائين اسپتال ھئس، مون کي الله تعاليٰ بچايو آهي ،غلام رسول انڙ جو اولاد  ۽ گھر ڀاتي مون کي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ مارڻ چاھين ٿا ، مون کي جان جو خطرو آهي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي   هن چيو ته آئون غلام رسول انڙ کانسواءِ رھي نٿي سگھان  ۽ نه ئي ھو مون کانسواءِ رھي سگھي ٿو، اسان شريعت موجب نڪاح ڪيو آهي الڳ ٿيڻ جو سوچي به نه ٿا سگھون ،غلام رسول انڙ جو اولاد سوچي ٿو ته  والد  جي لاڏڻي جي صورت ۾ ملڪيت رضيه جي ٿي ويندي، انهي ڪري اهي مون کي مارڻ چاھين ٿا، پنھنجي والد سان به جھيڙو ڪن ٿا، مون کي ڪراچي واري گهر ۾ کاڌي ۾ زھر ڏنو ويو آهي، رات حيدرآباد پهتي آھيان ، هن چيو ته غلام رسول انڙ جي سڄي ملڪيت ته سندس اولاد وٽ آھي، پوءِ به اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿن، هن چيو ته ھن مھل تائين مونکي ڪجهه به ناھي مليو،  نه ڪروڙ  ۽ نه فليٽ مليو آهي ،جيڪا زبان ڪئي وئي، ڪجھ به نه ڏنو ويو آهي ھڪ سونو ڪو ڪو به نه مليو آهي پوءِ به آئون ماٺ آھيان، مون کي ڊفينس واري گھر ۾ ناھي رھڻو، غلام رسول  مونکي الڳ فليٽ م رھائي، آئون  اتي رھڻ لاء تيار آھيان، آئون گڏ رھيس ته مون کي ماريو ويندو ، ٻئي پاسي غلام رسول انڙ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڪا به خبر ناھي. آئون ڪراچي آھيان، جڏهن ته  رضيه حيدرآباد واري گھر ۾ آهي، رضيه منھنجي نڪاح ۾ آھي، هو منھنجي جيون ساٿي آھي، آئون هن لاءِ ڪجهه به ڳالھائي نٿو سگھان