غلام رسول انڙ سان شادي فراڊ: رضيه کي ٻيهر نوٽيس   

غلام رسول انڙ سان شادي فراڊ: رضيه کي ٻيهر نوٽيس   

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار غلام رسول انڙ کي جعلي شادي جو بهانو بڻائي دوکو ڏيڻ ۽ هراسان ڪرڻ واري معاملي ۾ رضيا لاشاري نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي انڪوائري آفيسر آڏو پيش نه ٿي سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته  رضيا لاشاري جي پيش نه ٿيڻ بعد کيس ٻيهر طلب ڪرڻ لاءِ نئون نوٽيس جاري ڪيو ويندو. ذريعن موجب رضيا لاشاري طرفان طلبي نوٽيس جي ڪاپي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ واري معاملي تي به الڳ انڪوائري شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته غلام رسول انڙ رضيا لاشاري خلاف مبينا جعلي شادي جي بهاني دوکو ڏيڻ، هراسان ڪرڻ ۽ سائبر ڏوهن بابت شڪايت داخل ڪرائي هئي