| غلام رسول انڙ مرضي سان شادي ڪئي، بعد ۾گهران تڙيو: رضيه لاشاري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت اڳوڻي ايم پي اي غلام رسول انڙ جي اڳوڻي زال رضيه لاشاري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، رضيه لاشاري جي وڪيل استدعا ڪئي ته غلام رسول انڙ جي درخواست ۾ حقيقتون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون ويون،انهي ڪري درخواست رد ڪئي وڃي، غلام رسول انڙ جي رضيا لاشاري سان سوشل ميڊيا ذريعي رابطو ڪرڻ واري دعويٰ غلط آهي، درخواست گذار جي ڌيءَ ۽ گهر جون ٻيون عورتون به شاديءَ جي معاملن کان واقف هيون، غلام رسول انڙ خاندان جي موجودگي ۾ ماهوار 5 لک، فليٽ ۽ 50 ايڪڙ زمين نالي ڪرڻ جا شرط طئه ڪيا هئا، شاديءَ جي ڪجهه مهينن بعد 5 لک مان ماهوار هڪ لک روپيا طئه ڪيا ويا، جيڪي غلام رسول انڙ ادا ڪندو رهيو، اختلافن بعد غلام رسول انڙ زال کي گهران ڪڍي ڇڏيو ، اين سي سي آءِ اي وٽ شڪايت به پاڻ ڪئي، معاملو اين سي سي آءِ اي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، تنهن ڪري غلام رسول انڙ جي درخواست رد ڪئي وڃي، غلام رسول انڙ جي وڪيل عامر وڙائچ اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي