غلام شاهه موري ۾ واپارين ۽ شهرين جو بدامني خلاف مظاهرو

مَي 13, 2023

غلام شاھ موري (ن پ ا) غلام شاھ موري ۾  واپارين ۽ شھرين بدامني خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو.  واپاري  ايسوسيشن جي صدر غلام قاسم ڪنڀر تي رات دير سان ماڇي ۽ شيخ برادري جي ماڻهن  حملو  ڪيو ۽ دڪان ۾ ڀڄ ڊاھه پڻ ڪئي، ڏيئي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي شهرين ۽ واپارين احتجاجي مظاهر ڪري ڌرڻو هڻي تلهار ۽ ٽنڊوباگو روڊ مڪمل بلاڪ ڪري ڇڏيو.  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس بروقت ڪا به قاروائي نه ڪئي ڪجهه شر پسند هٿ وٺي شھر جو امن خراب ڪري رهيا آھن هنن  ايس ايس پي بدين ۽ ٻين اخيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ايس ايڇ ڏيئي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

Leave A Comment