غلطي سان درست مسٽيڪ: عورت لک پتي بڻجي وئي

غلطي سان درست مسٽيڪ: عورت لک پتي بڻجي وئي

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي عورت آن لائن لاٽري خريد ڪندي غلط ‘ڪلڪ’ ڪرڻ تي 250,000 ڊالر کٽي ورتا. مشي گن جي اوڪلينڊ ڪائونٽي جي 57 سالن جي عورت چيو ته هوءَ پنهنجي نمبرن جو سيٽ استعمال ڪندي مشي گن لاٽري ويب سائيٽ تان لاٽري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن چيو ته نمبر چونڊڻ دوران هن غلطي سان 47 جي بدران 39 تي ڪلڪ ڪيو. پر غلطي جو احساس ٿيڻ باوجود هن اها لاٽري رکڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته هن جي ماءُ هميشه چوندي هئي ته اتفاق جهڙي ڪا به شيءِ ناهي. ان رات هڪ اي ميل ملي جيڪا ان اي ميل کان مختلف هئي جيڪا هن کي عام طور تي ڪجهه ڊالر کٽڻ تي ملندي آهي. هن پيغام مان هن کي خبر پئي ته هن جا چونڊيل پنج نمبر 39-22-11-10-08 ملي ويا آهن ۽ هن 251,738 ڊالر جو جيڪ پاٽ کٽيو آهي.