اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي
سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل جي حوالي سان چيو ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي، پيمرا قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آهي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرپرسن جويريه ظفر جي صدارت ۾ ٿيو
اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023ع، دي پريس ڪائونسل آف پاڪستان ترميمي بل 2023ع تي غور ڪيو ويو، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل 2023ع بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته
پهريون ڀيرو صحافي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي سگهندا، پهريان ڪنهن چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين وٽ هو، هاڻي هن قانون تحت اهو اختيار ٽي رڪني ڪاميٽي وٽ هوندو
ماضي ۾ پي ايم ڊي اي جهڙو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي، ڄاڻي واڻي غلط خبر هلائڻ تي ڏنڊ 10 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا هوندو
غلط خبر هلائڻ جو چينل ذميوار هوندو، هن چيو ته بل تحت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن کي وقت سر پگهارن جي ادائگي جو پابند بڻايو ويو آهي، پگهارن جي ادائگي نه ٿيڻ تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهارلاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي فراهم نه ڪيا ويندا
هن چيو ته براڊ ڪاسٽ ميڊيا جو لائسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بويشن لائسنس 10 سالن جي وقت لاءِ هوندو، هاڻي لڳاتار 5 منٽن تائين اشتهار نه هلائي سگهبا، آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت ”سنگين خلاف ورزي“ تصور ٿيندي
پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو پي ايف يو جي ۽ پي بي اي کي نمائندگي ڏني وئي آهي، ٽي وي چينل ٽي وي چينل جي ضابطي ۾ ”ڊس انفارميشن“ نشر نه ڪرڻ جو شرط شامل ڪيو ويو آهي، عوام، ادارن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي جي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ شڪايت ڪائونسلز جوڙيون وينديون
شڪايت ڪائونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي ادائگي کي يقيني بڻايو ويندو، شڪايت ڪائونسل هڪ چيئرمين ۽ پنجن ميمبرن تي مشتمل هوندي، ان ۾ ڪم ڪندڙن ماڻهن جو وقت ٻه سال هوندو، پيمرا جي فيصلن جي خلاف لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهبي، ڪاميٽي بل جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي