| غني امان ۽ سرمد جا ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءَ ڪورٽ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جا ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت غني امان ۽ سرمد تي داخل ڪيس ختم ڪرائڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ٻئي طرف وڪيل پرور چانڊيو جو چوڻ آهي ته عدالت اسان کي ٻڌڻ بنا درخواست رد ڪري ڇڏي، هوڏانهن غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته غني امان ۽ سرمد تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، مٿن لڳايل الزام بي بنياد آهن، عدالت ۾ ڪيس پراپرٽي به پيش ناهي ڪئي وئي, وڪيل پرور چانڊيو جو چوڻ آهي ته درخواست تي ٻڌڻي اڄ مقرر ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته عدالت ضمانت منظور ڪندي.