غني امان ۽ سرمد ميراڻي تان ڪيس خاتمي لاءِ فيصلو محفوظ

غني امان ۽ سرمد ميراڻي تان ڪيس خاتمي لاءِ فيصلو محفوظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غني امان ۽ سرمد ميراڻي خلاف داخل ڪيسن کي ختم ڪرڻ بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ان ڏس ۾ سينيئر قانوندان حبيب الرحمان جسڪاڻي چيو ته غني امان ۽ سرمد تي بي بنياد ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، ٻنهي نوجوانن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي مختلف بارن پاران مذمتي ٺهراءَ پاس ڪيا هئا، جوڊيشل ميجسٽريٽ وٽ پيشي دوران سي ٽي ڊي پاران ڪيس پراپرٽي به پيش ڪئي وئي هئي، هن چيو ته سي ٽي ڊي پاران مڇر ڪالوني مان ڪوڙي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي, جڏهن ته غني امان کي اسپتال ۽ سرمد کي گهر مان حراست ۾ ورتو ويو هو، عدالت آڏو داخل ڪوڙن ڪيسن بابت ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، هوڏانهن  غني امان جي ڀيڻ سنڌو امان جو چوڻ آهي ته غني دهشتگرد نه پر لطيف جو پارکو آهي،ڀاءُ  مٿان داخل ڪوڙا ڪيس بي بنياد آهن۔