غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت منظور: آزادي جو حڪم 

غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت منظور: آزادي جو حڪم 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  دهشتگردي ٽوڙ عدالت غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي، وڪيل موجب ثبوت پيش ڪرڻ بعد عدالت غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي 50 -50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت واري درخواست منظور ڪندي ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، غني امان جي ڀيڻ سنڌو امان، وڪيل پروَر چانڊيو، شمس چانڊيو ۽ ٻيا عدالت آڏو پيش ٿيا، وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته غني امان چانڊيو کي اسپتال ۽ سرمد ميراڻي کي گهر مان کنيو ويو هو، ٻنهي کي گم ڪرڻ بعد دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جاچ آفيسر پاران به ڪيس پراپرٽي عدالت ۾ پيش ناهي ڪئي وئي, ياد رهي ته سي ٽي ڊي غني امان ۽ سرمد کي بارودي مواد رکڻ  جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو, دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻنهي نوجوانن کي جيل ڪسٽڊي ڪيو هو.