غوثپور جو نوجوان شاهد شيخ بازياب نه ٿيو، 12 ڀنگ طلب

سيپٽمبر 19, 2023

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو 3  ھفتا اڳ غوثپور ڀرسان مبينه اغوا ٿي ويل  ڳوٺ  غلام قادر شيخ جو رهواسي شاهد شيخ بازياب نه ٿي سگھيو ڌاڙيلن مغوي جي  وارثن کي مغوي جي آزادي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪال ڪري 12  لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

ڏوهارين پاران مغوي جي وارثن کي ڀنگ واري رقم نه ڏيڻ تي مغوي جو لاش اماڻڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي

 مغوي شاهد شيخ جي وارثن جو چوڻ آهي ته انتهائي غريب آهيون هن مهنگائي جي دور  ۾ پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ڀنگ واري رقم  ڏيڻ جي سگھه ناهي

 مغوي شاهد شيخ جي وارثن اغوا ڪار ٽولي کي منٿون ڪيون ته اسان غريب ۽ مسڪين پورھيت آھيون، روز مزدوري ڪري پيٽ جو سفر گذر ڪندا آهيون، اسان مٿان رحم کائي مغوي واپس ڪري ڏنو وڃي

مغوي شاهد جي وارثن نگران حڪومت توڙي ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسانجي نوجوان شاهد شيخ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو

Leave A Comment