غوثپور واسي گم ڄاڻايل 2 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، 60 لک ڀنگ طلب

آگسٽ 13, 2023

غوثپور (رپورٽر) غوثپور واسي گم ڄاڻايل ٻن نوجوانن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

ڳوٺ دڙي سندراڻي جا رھواسي نوجوان محمد اسلم ملڪ ۽ وسيم چنو گذريل ڏينھن دڙي اسٽاپ ڀرسان باءِ پاس ھوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ ويا ھئا جيڪي رات تائين گهر واپس نه پهتا

وارثن پاران نوجوانن جي علائقي ۾ ڳولا ڪئي وئي پر ڪٿان به ڏس پتو نه ملي سگهيو، وارثن ٻنهي نوجوانن جي اغوا ٿيڻ جو شڪ ظاھر ڪيو هو

وارثن ٻنهي نوجوانن جي اغوا جي تصديق ڪئي آهي، وارثن موجب ڌاڙيلن ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ 60 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي

وارثن چيو آهي ته اسان غريب آهيون، ايتري رقم ڪٿان آڻيون، نوجوانن جي آزادي لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته نوجوانن جي گھرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي

Leave A Comment