غوثپور ويجهو قتل ٿيل وڪيل جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي

جُولاءِ 18, 2023

غوثپور(ن پ ا) غوثپور ويجھو گذريل ڏينھن مين انڊس ھاءِ وي تي ساوند سندراڻي تڪرار تان ٻن موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڳوٺ دڙي سندراڻي واسي

 وڪيل نور الاھي خان سندراڻي جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنھن جي جنازي نماز ۾ ايم پي اي عابد سندراڻي وڪيل برادري ۽ شھر جي سياسي سماجي ڌرين سميت سوين ماڻھن پاران شرڪت ڪئي وئي

 جنازي نماز ۽ ضروري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي جنھن جو تڏو ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ پنھنجي اوطاق تي رکيو ويو آھي جتي تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي

Leave A Comment