غوثپور ويجهو پوليس ڪارروائي، مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

آڪٽوبر 19, 2023

غوثپور (رپورٽر) غوثپور ويجهو دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي دوران ھڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

 پوليس موجب ڪچي ۾ ڪارروائي دوران ڏيڍ ھفتو اڳ دوکي سان گھرائي اغوا ڪيل لاڙڪاڻي واسي مغوي طالب حسين کي بازياب ڪرايو ويو

 پوليس موجب آپريشن جي دٻاءَ سبب ڏوھاري مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، مغوي جي بازيابي جي اطلاع تي گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي

Leave A Comment