| غوثپور ويجھو ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر تيز: ڇتي فائرنگ: 2 ڄڻا قتل: 3 زخمي |
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) غوثپور ويجھو ڳوٺ گاھي خان ڀيو ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي تلاءَ مان مڇي مارڻ تان جھيڙو، ڇتي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ گاھي خان ڀيو ۾ ڀيا برادري جي راشد ڀيو ۽ حميد ڀيو جي ٻن ڌرين وچ ۾ پاڻي جي تلاءَ مان مڇي مارڻ واري معاملي تان هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ يار محمد ڀيو ۽ شبير ڀيو مارجي ويا، جڏهن ته سونارو ڀيو سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين ۾ تلاءَ مان مڇي مارڻ تان جھيڙو شروع ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جو ھڪ ھڪ ڄڻو مارجي ويا آھن ٽي زخمي ٿي پيا آھن، ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.