غوثپور: پراڻي تڪرار تان ڌرين ۾ ويڙهاند: ڇتي فائرنگ: 2 سڳا ڀائر قتل: 2 ڄڻا زخمي

غوثپور: پراڻي تڪرار تان ڌرين ۾ ويڙهاند: ڇتي فائرنگ: 2 سڳا ڀائر قتل: 2 ڄڻا زخمي

غوثپور/پنوعاقل (نمائندن وٽان) غوثپور ويجھو ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قبول اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن ھڪٻئي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾2 سڳا ڀائر اعجاز اوڳاھي ۽ غلام سرور اوڳاھي مارجي ويا، سندن ٽيون ڀاءُ حميد اوڳاهي زخمي ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب بشير اوڳاھي به زخمي ٿي پيو،  ڌرين وچ ۾ 2 ڪلاڪن تائين فائرنگ جو سلسلو هلندو رهيو، اطلاع باوجود پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي پوليس موجب ٻنهي ڌرين جو ڪجھه سالن کان زمين جي دنگ ۽ فصل جي ڀيل تان جھيڙو ھلندڙ ھو، جنھن تان واقعو پيش آيو آھي، ھڪ ڌر جا 2 سڳا ڀائر قتل ۽ ٽيو ڀاءُ  زخمي ٿيو آھي، ٻئي ڌر جو ھڪ ڄڻو زخمي آهي، واقعي کانپوءِ  پوليس علائقي ۾ پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي، مقتول نوجوانن جي ڀاءُ پنوعاقل اسپتال ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ھٿياربندن چوپايو مال ڪاھڻ آيا، جنھن دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته جوابدار ماڻهو مارڻ بعد اسان جون 15 مينهون به ڪاهي ويا آهن.