غوثپو ( ن پ و) غوثپور پوليس پاران نور الدين بهلڪاڻي ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ورتل مهلت ختم ٿي وئي ، مغوين جا مائٽ مايوسي جو شڪار ٿي ويا، انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيلن م غوثپور واسي عبدالرشيد ملڪ نورالدين بھلڪاڻي انور ڪوري عبدالرحيم اوڳاھي عظيم ميڻڪ ۽ ٻيا پڻ شامل آھن جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي
اغوا ڪيل نورالدين بھلڪاڻي جي ڀاء قالو خان بھلڪاڻي ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منھنجي ڀاء کي اغوا ٿئي ڏيڊ مھينو گذري چڪو آھي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو ڀاء جي بازيابي لاء برادري ۽ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن سان گڏجي مين انڊس ھاءِ وي بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هميو ھو ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين پھچي مغوين کي ٽن ڏينهن ۾ بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي اها مهلت به ختم ٿي وئي
هن چيو ته اغوا ٿيلن جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول آهي پر پوليس انهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون نه پئي ڪري
اغوا ٿي ويلن جي مائٽن چيو ته اسان پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس آهيون ٻيهر انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين