غوثپور (ن پ ا) غوثپور پوليس جيڪب آباد واسي ٻن پوليس اھلڪارن شير محمد لاشاري ۽ عبدالوحيد لاشاري کي مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
پوليس موجب دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس موجب ڏوھارين ٻنھي ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو ھو
ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته ٻنھي ڄڻن کي وارثن پاران راڄوڻي طريقي ۽ ڀنگ ڀري بازياب ڪرايو ويو آھي