غوثپور ڀرسان باگڙي برادري جي گهرن ۽ گلشن بابا جي ڊيري تي راڪيٽ حملو

جُولاءِ 16, 2023

غوثپور (ن پ ا) ويجھو ڳوٺ ماستر سياڻو اوڳاھي ۾ ھٿياربندن جو باگڙي برادري جي گھرن ۽ گلشن بابا سانول شاهه جي ڊيري تي حملو ڪيو

 هٿياربندن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ به فائر ڪيا، فائرنگ ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي

ڀگوانو داس، رام داس، ريوڙي ڪمار، نارد ڪمار ۽ جڙيو باگڙي ٻڌايو ته ھٿياربندن پاران مارٽر  گولو به فائر ڪيو ويو آهي جيڪو ميدان تي ڪريو مگر ڦاٽي نه سگھيو

فائرنگ جي اطلاع تي پوليس پهتي پر ڏوھاري پوليس جي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي فرار ٿي ويا

 پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙھي تلاشي شروع ڪري ڇڏي. واقعي بع علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

واقعي بعد ايس ايس پي ڪشمور باگڙي برادري وٽ پهچي نقصان جو جائزو ورتو ويو

ايس ايس پي ڪشمور ٻڌايو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو، ھن ٻڌايو ته ديوان برادري پاڻ کي خوف مان ڪڍي ٻاھر نڪري اچي آئون ھنن سان گڏ آھيان

 ايس ايس پي ڪشمور پاران علائقي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي

باگڙي برادري جي متاثرن ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي شرپسندن اسان جي گھرن ۽ سالياني ٿيندڙ گلشن بابا سانول شاهه جي ميلي تي حملو ڪري خوف پکيڙيو آھي

Leave A Comment