غوثپور ڀرسان زمين تڪرار تان ويڙهاند، جديد هٿيارن سان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

غوثپور ڀرسان زمين تڪرار تان ويڙهاند، جديد هٿيارن سان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) غوثپور ڀرسان ڳوٺ خان محمد سبزوئي ۾ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب غلام ياسين سبزوئي قتل ٿي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڄاڻ موجب ٻنھي ڌرين ۾ زمين جي دنگ تان تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن تان ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو ڀڙڪي اٿيو، ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 40 ورھين جو مقتول ياسين سبزوئي موقعي تي مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن تان ھڪ ڌر جو ياسين سبزوئي مارجي ويو آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.