| غوثپور ۾ جاگيراڻي گينگ جي 10 جوابدارن گرفتاري ڏئي ڇڏي |
غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ جاگيراڻي گينگ جي 10جوابدارن غوثپور ٿاڻي ۾ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، پوليس موجب جاگيراڻي گينگ سان واسطو رکندڙ 10 جوابدارن سلينڊر پاليسي تحت پنھنجي گرفتاري ڏني آهي، گرفتاري ڏيندڙن ۾ صفير جاگيراڻي مبارڪ ، جانڻ، امام بخش جاگيراڻي معروف جاگيراڻي رضا محمد ، گل بيگ ، ممتاز، محمد حنيف جاگيراڻي شامل آھن پوليس موجب ڏوھارين خلاف ھلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي دٻاءُ بعد جاگيراڻي گينگ جي جوابدارن پاران ھٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي پوليس وٽ سلينڊر ڪري ڇڏيو آهي پوليس موجب ھٿيار ڦٽا ڪندڙ قتل اغوا ڀتاخوري ۽ پوليس حملن سميت مقابلن جي ڪيسز ۾ گهربل آهن.