| غوثپور ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل شھنشاهه اليون کٽي ورتو |
غوثپور (ن پ ا) غوثپور شھر جي اڳوڻي ڊي اي او مرحوم سيد ابراھيم شاھ جيلاني جي ياد ۾ شھر ڀرسان مين پلي گرائونڊ ۾ غوثپور پريميئر ليگ جي پليٽ فارم تان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنھن ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن مان اٺ ٽيمن حصو ورتو، جنھن ۾ شھنشاهه اليون، جيئي لطيف، ال عباس، سچل سرمست، الحيدري ماشاءَ الله سومرا ۽ الحسيني اليون جون ٽيمون شامل ھيون، ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ٻه ٽيمون شھنشاهه ۽ سچل سرمست اليون ئي پھچي سگھيون، پھرين رائونڊ ۾ سچل سرمست ٻن مقرر اوورن ۾ 27 رنسون ٺاھيون ۽ جواب ۾ شھنشاهه اليون 28 رنسون ٺاھي ٽورنامينٽ جو فائنل پنھنجي نالي ڪري ورتو، جنھن بعد آيل مھمان خاص سردار ظفر ڀيو ۽ فاروق ڀيو، سيد عبدالرحمان شاهه، ڊاڪٽر نظير شاهه، صحافي نارائڻ ناز، صحافي ظفر ڀيو ۽ ٻين ونر ۽ رنر ٽيمن جي ڪپتانن کي ٽرافيون مين آف دي ميچ، مين آف دي ٽورنامينٽ ۽ بھترين بالرن ۾ انعام ورھايا.