غوثپور (رپورٽر) غوثپور ۾ ٻن مغوين شاھد شيخ ۽ نديم ملڪ جي بازيابي لاءِ سندن وارثن ۽ شھر جي سياسي سماجي ڌرين احتجاجي ريلي ڪڍي بس اڏي ڀرسان ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي مھراڻ شيخ، قدرت اللھ ميراڻي، شمن باجڪاڻي، ممتاز شيخ، محمد نواز شيخ ۽ ٻين چيو ته 3 ھفتا گذري چڪا آھن پر پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو
ھنن ٻڌايو ڌاڙيل شاھد شيخ جي بازيابي لاءِ 15 لک ۽ نديم ملڪ جي بازيابي لاءِ 12 لک ڀنگ گهري رهيا آهن
هنن چيو ته ايڏي وڏي رقم ڀرڻ جي سگهه ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي