حيدرآباد( رپورٽ: امتياز کوسو)حيدرآباد پوليس سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي وڊيوز وائرل ڪرڻ واري معاملي تي وڪيل جي فرياد تي شاعر ارشاد جاگيراڻي، آرٽسٽ روبي علي ۽ ٻن اڻڄاتل ماڻهن سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي
هٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ موتمار ڌمڪين ۽ گارگند جا قلم شامل ڪيا ويا آهن پوليس اهو ڪيس سبحان الله ڪالوني جي رهواسي وڪيل گلزار علي عالماڻي جي فرياد تي داخل ڪيو
وڪيل گلزار عالماڻي جو موقف آهي ته 13 جولاءِ 2023ع تي ارشاد علي جاگيراڻي ۽ آرٽسٽ روبي علي فيس بڪ آءِ ڊي تان غير اخلاقي پوسٽون رکيون جنهن تان کين پنهنجي آءِ ڊي تان قانوني ڪاروائي جو چيو ته انهن مونکي ڌمڪيون ڏنيون
فريادي ڪيس ۾ موقف رکيو آهي ته 14 جون 2023ع تي صبح جي وقت گهر جو دروازو کڙڪيو ٿر کوليو ته موٽرسائيڪل تي ٻٽ ٻڌل 2 اڻڄاتل ماڻهون بيٺل هئا، اڻ ڄاتل ماڻهن ڌمڪيون ڏنيون ته اوهان روبي ۽ ارشاد خلاف قانوني ڪاروائي جي پوسٽ ڇو رکي ۽ آئنده ڪا پوسٽ نه رکڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون
سندس چوڻ آهي ته 5 جولاءِ تي عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ڪيس داخل نه پئي ڪيو ويو جنهن بعد توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي، توهين عدالت جي درخواست تي عدالت ٻيهر هٽڙي پوليس کي حڪم ڏنو ته فوري طور ڪيس داخل ڪيو وڃي
وڪيل موجب عدالتي حڪم بعد پوليس ڪالهه واري تاريخ ۾ رات دير سان ڪيس داخل ڪيو آهي