غيرقانوني افغان پناهگيرن جو اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام جو اعلان

  غيرقانوني افغان پناهگيرن جو اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام جو اعلان

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري غيرقانوني طور تي ترسيل افغان پناهگيرن جو اطلاع ڏيڻ تي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل افغان ۽ پرڏيهي شهرين جي خلاف آپريشن جاري آهي، غيرقانوني ترسيل افغانين جي اطلاع ڏيندڙن کي روڪ انعام ڏنو ويندو. هن چيو ته ٽن هفتن ۾ 6 هزار 220 افغانين کي واپس اماڻيو ويو آهي. ڄاڻ ڏيندڙ شهرين جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. ٻئي طرف پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين بابت معلومات فراهم ڪندڙ کي نقد انعام ڏيڻ جو ڪو به منصوبو ناهي. پنجاب پوليس جي ايڪس اڪائونٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن ۾ بلڪل ڪا به سچائي ناهي ته صوبي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين بابت معلومات فراهم ڪندڙ کي 10,000 رپيا نقد ڏنا پيا وڃن.