| غيرقانوني اڏاوتن جي جاچ: اينٽي ڪرپشن ٽيم پاران گمبٽ ۾ بيان قلمبند |
گمبٽ (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد اينٽي ڪرپشن خيرپور جي ٽيم مارڪيٽ ڪاميٽي گمبٽ پهچي رڪارڊ ۽ غيرقانوني ٺهيل اڏاوتن جو جائزو ورتو، ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم خيرپور جي سرڪل آفيسر جنسار سومرو ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گمبٽ جي مارڪيٽ ڪاميٽي تي قبضن جي پٽيشن داخل ٿيل هئي. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي گمبٽ جي مارڪيٽ ڪاميٽي پهچي رڪارڊ ۽ غيرقانوين ٺهيل اڏاوتن جو جائزو ورتو آهي ۽ شهرين جا بيان به قلم بند ڪيا آهي. جنهن جو مڪمل جواب تيار ڪري ايندڙ حاضري تي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته محمد پريل جوڻيجو سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي ته مارڪيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري غيرقانوني طريقي سان پلاٽ ليز ذريعي وڪرو ڪيا آهن. جنهن تي انڪوائري جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي.