غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي روزگار تي پابندي: چونڊن ۾ افغانين جي مدد ۽ فنڊنگ تي بندش

نومبر 28, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) غيرقانوني غير ملڪين جي نيڪالي جي سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان پاران عوام لاءِ ھدايت نامو جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته غيرقانوني غير ملڪين کي ڪنھن به قسم جو روزگار فراھم نه ڪيو وڃي، نه ئي ڪنھن غيرقانوني رھندڙ غير ملڪيءَ جي روزگار لاءِ مدد ڪئي وڃي. غيرقانوني طور پاڪستان ۾ رھندڙن کي روزگار، رھائش ڏيندڙ متعلق وزارت داخلا جي ويب سائيٽ تي ھيلپ لائين ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي ته جئين اھڙن ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري سگھجي. حڪومت پاڪستان پاران پاڪستان ۾ رھندڙ افغاني شھرين کي خبردار ڪيو ويو آھي ته ھو پاڪستان ۾ سياسي، چونڊ سرگرمين ۾ ڪنھن به اميدوار جي مدد نه ڪن. افغانين پاران سياسي يا چونڊ جي حوالي سان فنڊن غيرقانوني آھي، اھڙين سرگرمين ۾ ملوث ڪنھن به افغاني شھري کي پاڪستان ۾ قانوني حيثيت ناھي تنھن ڪري اھڙو عمل ڪندڙ کي ملڪ بدر ڪيو ويندو

Leave A Comment