خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ غيرقانوني طريقي سان سارين جي پوکائي منع ڪرڻ تان جهيڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر، اسسٽنٽ مختيارڪار، تپيدار سوڌو 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي حڪم تي روينيو کاتي جي ٽيم طرفان يونين ڪائونسل بگرو ۾ غير قانوني طريقي سان ڪيل سارين جي پوکائي کان منع ڪئي
آبادگارن اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ارسلان ڦلپوٽو، اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز ڦلپوٽو، تپيدار عبدالرزاق ڦلپوٽو، محمد رمضان ڪوٽوار، گن مين جواد ۽ ٻين کي ڏنڊا ۽ پٿر هڻي زخمي ڪري وڌو
واقعي بعد محمد صديق مڪول، الهورايو مڪول، سائينداد مڪول ۽ ٻين مٿان شاهه لطيف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي