اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي حڪومت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس نه گهرائڻ ۽ سمري واپس ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اعتراضن جو جواب ڏئي ڇڏيو
حڪومت ذريعن مطابق نگران حڪومت چيو آھي ته آئين جي آرٽيڪل 91 ۾ ڪٿي ناھي لکيل ايوان نا مڪمل ھجي ته اجلاس نٿو گھرائي سگھجي. صدر جو صوابديد ۽ استحقاق آھي ئي نه ته آرٽيڪل 91 تحت اجلاس روڪي سگھي
ذريعن جو چوڻ آھي ته نگران حڪومت صدر کي جواب ڏنو آھي ته صدر صرف آرٽيڪل 54 تحت معمول جي اجلاس کي روڪي سگھي ٿو، ھي معمول جو اجلاس ناھي، غير معمولي اجلاس آئيني تقاضا آھي، ڪٿي به ناھي لکيل ته مخصوص سيٽون نه ٿين ته اجلاس نٿو ٿي سگھي
ذريعن مطابق نگران وفاقي حڪومت صدر کي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته صدر آئين جي مطابق قومي اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪري، آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت اليڪشن جي 21 ڏينھن اندر اجلاس گھرائڻ ضروري آھي، صدر 29 فيبروري تي اجلاس نه گھرايو ته به اجلاس اُن ئي ڏينھن ٿيندو
واضع رھي ته گذريل ڏينھن صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گھرائڻ واري سمري رد ڪري واپس موڪلي ڇڏي ھئي
ذريعن مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي موقف اختيار ڪيو آھي ته پھريان عورتن ۽ اقليتن جي سيٽن کي مڪمل ڪيو وڃي، جنھن بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آھي جنھن ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا
حڪومت پاران صدر کي اماڻيل خط سان گڏ وزيراعظم جي قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ واري سمري به ٻيهر اماڻي وئي آهي
هوڏانهن نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي آئيني ڊيڊ لائن گذرڻ تي اجلاس گهرائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ آئيني ڊيڊ لائن پوري ٿيڻ تي اجلاس گهرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي
ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو نوٽيفڪيشن اربع ۽ خميس جي رات دير سان جاري ڪرڻ جو امڪان آهي، نگران وزيراعظم قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي اجلاس طلب ڪرڻ جو اختيار به ڏئي ڇڏيو