| غيرملڪي وفدن ۽ صحافين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان اسلام آباد ڳالهين ۾ سفر ڪندڙ سمورن ملڪن جي وفدن سميت صحافين کي ڀليڪار ڪريون ٿا. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان مقصد لاءِ سڀني ايئر لائنز کي درخواست ڪئي وڃي ٿي ته اهڙن سڀني ماڻهن کي بغير ويزا بورڊنگ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستان ۾ اميگريشن اختيارين انهن جي آمد تي ويزا جاري ڪندو. جڏهن ته لاڳاپيل ايئرپورٽس تي سهولت ڊيسڪ پڻ قائم ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت وفاقي حڪومت اسلام آباد ڳالهين جي ڪوريج لاءِ ايندڙ صحافين بابت نئين ايس او پيز جاري ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزارت مطابق ويزا آن ارائيول جي سهولت صرف آمريڪا ۽ ايران سان لاڳاپيل ميڊيا نمائندن لاءِ هوندي.