| غيريقيني ختم: ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو شيڊول جاري، پاڪ ڀارت 15 فيبروري تي مقابلو، سيمي فائنل ۽ فائنل لاءِ ٻه وينيو |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 جي شيڊول جو اعلان ڪيو آهي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو، جنهن لاءِ شيڊول جو اعلان ممبئي ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڪيو ويو. هندستان ۽ سريلنڪا گڏيل ميزبان آهن. ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 جون ميچون 7 هنڌن تي ٿينديون. چنائي، نئين دهلي، ڪولڪتا، ممبئي، احمد آباد، ڪولمبو ۽ ڪينڊي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 20 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پوئين فارميٽ وانگر، هر گروپ جون ٽاپ 2 ٽيمون سپر 8 لاءِ ڪواليفائي ڪنديون. سپر 8 اسٽيج ۾، 8 ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، ٻنهي گروپن جون ٽاپ 2 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪنديون. ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ اي ۾ هندستان، پاڪستان، آمريڪا، هالينڊ ۽ نميبيا، گروپ بي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، آئرلينڊ، زمبابوي ۽ عمان، گروپ سي ۾ انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، نيپال، اٽلي ۽ گروپ ڊي ۾ نيوزي لينڊ، ڏکڻ آفريڪا، افغانستان، ڪينيڊا ۽ يو اي اي شامل آهن. پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پنهنجي پهرين ميچ 7 فيبروري تي هالينڊ خلاف کيڏندو. گرين شرٽس ميچ 10 فيبروري تي ڪولمبو ۾ آمريڪا خلاف کيڏندا. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهم مقابلو 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ ٿيندو، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم پنهنجو چوٿون ۽ آخري گروپ ميچ 18 فيبروري تي نميبيا خلاف کيڏندي. سپر 8 مرحلو 21 فيبروري کان 1 مارچ تائين منعقد ٿيندو. پهريون سيمي فائنل 4 مارچ تي ڪولڪتا ۾ ۽ ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي ممبئي ۾ ٿيندو. بهرحال، جيڪڏهن پاڪستان ڪواليفاءِ ڪري ٿو ته سيمي فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو. احمد آباد کي ورلڊ ڪپ جي فائنل لاءِ چونڊيو ويو آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان ڪواليفاءِ ڪري ٿو ته فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو.